افغانستان ۾ محفل دوران ڌماڪو، 15 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغانستان ۾ ختمِ قرآن جي محفل ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا.
افغانستان جي گهرو وزارت موجب بم ڌماڪو غزني جي ضلعي گيلان ۾ ٿيو جتي هڪ گهر ۾ جمعي نماز کان پوءِ قرآن خواني جي محفل جاري هئي.
رپورٽن موجب گهر جي ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل ۾ لڳل بم ڦاٽڻ سبب 15 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔