ميمبرن جي استعيفائن کانپوءِ اسيمبلي نه هلي سگهندي: اياز صادق

لاهور: قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر جو چوڻ آهي ته 150 اسميبلي ميمبرن جي استعيفائن کانپوءِ اسيمبلي نٿي هلي سگهي.

لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو آهي ته وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏندڙن جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ ائين ڪري رهيا هوندا، (ن) ليگ جي سي اي سي ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي.

هن چيو ته 150 اسيمبليءَ جا ميمبر استعيفائون ڏيندا ته ان سان اسميبلي نه هلي سگهندي ۽ اپوزيشن کانسواءِ قانونسازي نه ٿي سگهندي.

اڳوڻي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته استعفائن کانپوءِ ميمبر گهرن ۾ نه ويٺا هوندا، لانگ مارچ ۽ استعيفا اسان جو پنهنجو آپشن آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔