نيب پاران مجموعي طور تي 714 ارب رپيا وصول ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جي دعوا

اسلام آباد: نيب جي ڪارڪردگي جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، نيب  ترجمان پاران جاري ڪيل تفصيلن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي هن وقت بدعنواني جهڙو وڏو چيلينج سامهون آهي، جيڪا ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي،

نيب کي سال 2019ع ۾ مجموعي طور تي 53 هزار 643 شڪايتون مليون، جن مان 42 هزار 760 شڪايتون اڪلايون ويون، ان سال ۾ نيب 2166 شڪايتن جي جاچ پڙتال جي منظوري ڏني، جن مان 1306 شڪايتن جي جاچ پڙتال کي قانون مطابق مڪمل ڪيو ويو، انهيءَ سال ۾ نيب 1686 انڪوائرين جي منظوري ڏني، جن مان 747 انڪوائريون مڪمل ڪيون ويون، ان ريت سال 2019ع ۾ نيب 609 انويسٽيگيشنس جي منظوري ڏني، جن مان 269 انويسٽيگيشنس تي قانون مطابق ڪارروائي مڪمل ٿي، سال 2019ع ۾ 363 ريفرنس احتساب عدالتن ۾ داخل ڪيا ويا، سزا ڏيارڻ جي مجموعي شرح 68.8 سيڪڙو رهي، نيب کي پنهنجي قيام کان هن وقت تائين 4 لک 5 هزار 748 شڪايتون مليون، جن مان 4 لک 2125 شڪايتن کي اڪلايو ويو،

هن وقت 556 شڪايتن جي اسڪروٽني جاري آهي، نيب جي قيام کان هن وقت تائين هڪ لک 644 شڪايتن جي جاچ پڙتال جي منظوري ڏني، جن مان رڳو 779 شڪايتن جي جاچ پڙتال جاري آهي، نيب پنهنجي قيام کان هن وقت تائين 9883 انڪوائرين جي منظوري ڏني، جن مان 8 هزار 953 انڪوائرين کي قانون مطابق مڪمل ڪيو ويو،

هن وقت 930 انڪوائرين تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته هن وقت تائين 4547 انويسٽيگيشنس جي منظوري ڏني وئي، جن مان 346 انويسٽيگيشن تي ڪم ڪم جاري آهي، نيب پنهنجي قيام کان هن وقت تائين 3645 ريفرنسز احتساب عدالتن ۾ داخل ڪيا، جن مان 3398  ريفرنسن کي قانون مطابق اڪلايو ويو، هن وقت 947 ارب رپين جي جي ماليت جا 1247 ريفنرنس احتساب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن،

نيب چيئرمين جاويد اقبال جي قيادت ۾ نيب هن وقت تائين 363 ارب جڏهن ته 1999ع کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 714 ارب رپيا ڦرلٽ ڪري ڪمايل وصولي ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن، هن کانسواءِ 179 ميگا ڪرپشن جي ڪيسن مان 97 ريفرنس احتساب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، 57 ريفرنسن کي اڪلايو ويو آهي، 179 ميگا ڪرپشن جي ڪيسن مان 10 انڪوائرين ۽ 15  تي انويسٽيگيشنس مڪمل ٿيڻ جي مرحلن ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔