وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي بابت اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان قومي ايئرلائن (پي آءِ اي) بابت اجلاس آڱاري تي گهرائي ورتو.

اجلاس ۾ وزيراعظم جي مشير ڊاڪٽر عشرت حسين، سيڪريٽري ۽ ڊي جي سول ايوي ايشن به شرڪت ڪندا جنهن ۾ وزيراعظم کي قومي ايئرلائن جي ڪارڪردگي ۽ پرڏيهي ايئرلائن کي روٽ ڏيڻ بابت معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي.

ذريعن موجب پي آءِ اي جي چيف ايئرلائن کي روٽ ڏيڻ سان پي آءِ اي کي مالي خساري جو منهن ڏسڻو پوندو جڏهن ته ارشد ملڪ پي آءِ اي مٿان پابندين جو معاملو به کڻندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔