سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لاپتا شهرين جي بازيابي لاءِ وڌيڪ هڪ درخواست داخل

ڪراچي :سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لاپتا شهرين جي بازيابي لاءِ وڌيڪ هڪ درخواست داخل ڪئي وئي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، گهرو کاتي ۽ ٻين کان جواب طلب ڪيو ويو، عدالت لاپتا شهرين کي جلد بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بازيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻن، درخواستگذار جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ شهري سليم، افتخار ۽ ٻين کي ساده ڪپڙا پهريل ماڻهو اغوا ڪري ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔