اسلام آباد ۾ سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد ۾ سمورا ادارا ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن، جڏهن ادارو ڪاروبار ۾ ملوث هوندو ته سي ڊي اي ۾ ڪهڙي همت آهي جو اُن کي ڪجهه چئي، ادارا ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ هوندا ته مفادن جو ٽڪراءُ ٿيندو، آءِ بي وارن کي ٻڌايو ته هي مفادن جو ٽڪراءُ آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا انٽيليجنس بيورو جي آفيسرز طرفان ريئل اسٽيٽ ڪاروبار ۾ ملوث هجڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته ادارن مٿان ريئر اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ سڌي يا اڻسڌي ريت شامل ٿيڻ تي پابندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔