ناليواري اداڪاره فردوس بيگم لاڏاڻو ڪري ويئي

لاهور: فلم هير رانجها سميت 150 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ ناليواري اداڪاره فردوس بيگم لاڏاڻو ڪري ويئي .

خانداني ذريعن موجب فردوس بيگم کي 3 ڏينهن اڳ برين هيمرج ٿيو هو جنهن جي ڪري هوءَ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي .

ماضي جي اداڪاره فردوس بيگم جي عمر 73 سال هئي ۽ هن پونئرن ۾ 2 ڌيئر ۽ هڪ پٽ ڇڏيو آهي .

اداڪاره فردوس بيگم کي پاڪستان فلم انڊسٽري  جي ”هير“ به سڏيو ويندو آهي ، هن 160 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.

فردوس بيگم فلم ”ملنگي“ ، ”هير رانجها“ ، ”انسانيت“ سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔