پي ڊي ايم جي لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ جي حڪومتي حڪمت عملي جي جوڙجڪ لاءِ وزيراعظم عمران خان اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. 

رپورٽ موجب پي ڊي ايم جي لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ان لاءِ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن ۽ اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي.

اجلاس ٿوري دير کان پوءِ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو. وزيراعظم عمران خان موجوده سياسي صورتحال ۽ حڪومتي حڪمت عملي تي اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪندو.

واضح رهي ته پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جنوري جي آخر يا فيبروري جي شروعات ۾ حڪومت جي خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ جلسي ۾ هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد مارچ ۾ استعيفيٰ  گڏ کڻي وينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔