نيوزيلينڊ دورو: قومي اسڪواڊ ڪرائسٽ چرچ کان ڪوئنز ٽائون پهچي ويو

ڪوئنز ٽائون: نيوزيلينڊ ۾ موجود قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ آئسوليشن ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪرائسٽ چرچ کان ڪوئنز ٽائون پهچي ويو.
اسسٽنٽ ڪوچ شاهد اسلم آڪلينڊ کان ڪوئنز ٽائون پهتو آهي ۽ قومي ڪرڪيٽر اربع کان ٽريننگ شروع ڪندا.
ڪوئنز ٽائون ۾ پاڪستاني ٽيم ۽ پاڪستان شاهينز جا رانديگر هوٽلن ۾ ڌار ڌار رهندا.
قومي اسڪواڊ کي گذريل ڏينهن سموريون ٽيسٽون ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ مينجنڊ آئسوليشن ڇڏڻ جي اجازت ملي هئي ۽ هاڻ اسڪواڊ تي ڪورونا ايس او پيز لاڳو ناهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جا مقابلا 18، 20 ۽ 22 جنوري تي ترتيب وار آڪلينڊ، هيملٽن ۽ نيپيئر ۾ کيڏيا ويندا.
ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز پڻ کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔