انڪم ٽئڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ لاءِ اڄ آخري تاريخ

ڪراچي : انڪم ٽئڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ لاءِ اڄ آخري تاريخ آهي، فيڊرل بورڊ آف روينيو چيو آهي ته گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪئي ويندي، ايف بي آر جي ذيلي ادارن کي انڪم ٽئڪس ريٽرن جي تاريخ وڌائڻ بابت درخواستون وصول ڪرڻ لاءِ هيلپ ڊيسڪ ٺاهڻ جي هدايت، ڪراچي چئمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز انڪم ٽئڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ لاءِ وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا جي ٻي لهر ۾ ٽئڪس ماهرن جو ڪم متاثر ٿيو آهي، ڏکئي وقت ۾ ٽئڪس مهيا ڪندڙن کي سهولت ڏني وڃي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔