سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پنجاب سرڪار پاران سنڌ جي عوام لاءِ هوجمالو جو تحفو

لاهور: سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پنجاب سرڪار پاران سنڌ جي عوام لاءِ هوجمالو جو تحفو پيش ڪيو ويو.  پنجاب سرڪار جي ثقافت کاتي پاران سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جي جڳ مشهور لوڪ گيت هو جمالو کي هڪ نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي.

لاهور آرٽس ڪائونسل پاران لاهور ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن لاهور شاخ  جي سهڪار سان اهڙو  گيت سنڌي سميت پاڪستان جي سڀني مکيه ٻولين پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ شينا ۾ ٺاهيو ويو آهي. جنهن کي مشهور لوڪ راڳي شوڪت فقير پنهنجو آواز ڏنو آهي.

دلچسپ ڳالھ اها آهي ته انهن ٻولين سان گڏ اتان جي ثقافت کي به سهڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي.  لاهور آرٽس ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ثمن رائي جو چوڻ آهي ته “هو جمالو” اڳ ئي پوري پاڪستان ۾ مشهور گيت آهي، جنهن کي نئين انداز ۾ پيش ڪري سنڌ جي “هو جمالو” کي هاڻي پاڪستان جو “هو جمالو” بڻايو ويو آهي.

اهو گيت پنجاب جي سرڪار ۽ عوام پاران سنڌ جي عوام کي انهن جي ثقافتي ڏهاڙي تي هڪ تحفو آهي. ياد رهي ته سگا لاهور جي عهديدارن پروفيسر اشوڪ ڪمار ۽ انور چانڊيو پاران هوجمالو کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي.


جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔