نيب ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جو گهيرو تنگ ڪري ورتو

اسلام آباد : نيب ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جو گهيرو تنگ ڪري ورتو. نيشنل اڪائونٽيبل بيورو حفيظ شيخ ۽ ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين سلمان صديق کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. نيب ڪراچي غير قانوني ادائگي مامري حفيظ شيخ ۽ ٻين کي پهرين ڊسمبر تي طلب ڪيو هو، پر هو پيش نه ٿيا. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته حفيظ شيخ، ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين سلمان صديق ۽ ڪسٽم آفيسر عاشر عظيم تي غير قانوني ادائگي جو الزام آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔