وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ 10 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪري ڇڏي

اسلام آباد/ ڪراچي : وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ 10 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪري ڇڏي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا بابت گڏيل قومن جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته قرضن ۾ رليف ڪورونا جي خاتمي تائين جاري رکيو وڃي، وزيراعظم چيو ته غريب ملڪن جا قرض معاف ۽ پٺتي پيل ملڪن لاءِ قرضن جي آسان سهولت ڏني وڃي ته جيئن ڪورونا کي منهن ڏئي سگهجي، ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ 5 سئو ارب ڊالرز جو پيڪيج مختص ڪيو وڃي، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سمارٽ لاڪ ڊائون متعارف ڪرايو، ڪاميابي سان غربت ۽ وبا جو مقابلو ڪيو، هينئر پاڪستان کي ڪورونا جي بدترين ٻي لهر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔