پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو، احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي، احمد مختار پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ وفاقي وزير ۽ دفاع جو وزير پڻ رهيو، هُن پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان 2008 جي اليڪشن ۾ پنهنجي مخالفن کي بري شڪست ڏني هئي، ٻڌايو پيو وڃي ته هو ڪجهه وقت کان بيمار هو ۽ اڄ وفات ڪري ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔