گلگت بلتستان جَي تڪ جِي بي اَي ٽو جَي نتيجن خلاف احتجاج، گاڏي کي باهه

اسلام آباد: گلگت بلتستان جَي تڪ جِي بي اَي ٽو جَي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن خلاف احتجاج دوران پ پ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون. ڇڪتاڻ دوران مڇريل مظاهرين هڪ سرڪاري آفيس ۽ چئن سرڪاري گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جِي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي. ڊي آءِ جِي گلگت وقاص احمد چيو آهي ته احتجاج دوران شرپسندِي ڪئي وئي، سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي جاچ ڪئي پئي وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جَي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ مظاهرين تي تشدد ڪيو ويو، وفاقي سرڪار اليڪشن چوري ڪرڻ بعد تشدد تي لهي آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔