سول ايويئيشن اٿارٽي جو نئون ڊي جي 8 ڊسمبر تائين مقرر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سول ايويئيشن اٿارٽي جو نئون ڊي جي مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن 8 ڊسمبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اٽارني جنرل طرفان ڪجهه ڏينهن ۾ نئون ڊي جي مقرر ڪرڻ جي خاطري، ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته پارليامينٽ جي فلور تي 262 پائليٽس جعلي هجڻ جو بيان ڏنو ويو، هاڻي وري چئي رهيا آهيو ته رڳو 82 لائسنس جعلي آهن، ٻڌايو وڃي ته 262 پائليٽس جا لائسنس جعلي هجڻ جي باري ۾ ڪنهن ٻڌايو، هن معاملي ۾ انتهائي غفلت ڪندي قومي ايئرلائين جي ساک متاثر ڪئي وئي، سيڪريٽري ايويئيشن عدالت آڏو چيو ته 50 پائليٽس جا لائسنس رد ڪيا ويا ۽ 32 لائسنس کي شڪي قرار ڏنو ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته پوءِ 262 لائسنس جعلي هجڻ جو بيان ڪيئن ڏنو ويو؟.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔