نواز شريف، اسحاق ڊار، حسن ۽ حسين نواز مٿان پاڪستان اچڻ تي ڪابه پابندي نه آهي، شبلي فراز

اسلام آباد : نواز شريف، اسحاق ڊار، حسن ۽ حسين نواز مٿان پاڪستان اچڻ تي ڪابه پابندي نه آهي، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف، سندس ناٺي ۽ پُٽ ڏيهه اچي بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪن، رياستي جبر واري پروپئگنڊا لاڏاڻي تي به سياست ڪرڻ برابر آهي، توهان ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهيو؟، ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ملڻ بعد بيگم شميم اختر جو مڙهه خميس تائين پاڪستان منتقل ڪرڻ جا امڪان، تدفين جاتي امراءَ ۾ ٿيندي، شريف ڪٽنب سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔