سنڌ ۾ ڪوورنا وائرس وگهي وڌيڪ 19 مريضن دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي :سنڌ ۾ ڪوورنا وائرس وگهي وڌيڪ 19 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، وبا جا 1276 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي مان 929، حيدرآباد 130، عمر ڪوٽ36، جيڪب آباد 24، گهوٽڪي 18، سکر ۽ ٽنڊو الهيار مان 17-17 ڪيس رپورٽ ٿيا، مراد علي شاهه موجب قمبر15، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور مان 12-12 شهري وائرس ۾ وٺجي ويا: عالمي وبا سبب حياتيون وڃائيندڙ مريضن جو مجموعي انگ 2799 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔