ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ بعد 4 ضلعن ۾ سمارٽ ۽ 2 ۾ مائيڪرو لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي :ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ اضافي باوجود شهرين ايس اوپيز تي عمل نه ڪيو. ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ بعد 4 ضلعن ۾ سمارٽ ۽ 2 ۾ مائيڪرو لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪورنگي ۽ ملير ضلعن ۾ مائيڪرو لاڪ ڊائون لاڳو ٿيندو، ڪمشنر ڪراچي ڊپٽي ڪمشنرز کي هيلٿ آفيسرن سان مشاورت جي هدايت ڪري ڇڏي. سکر ۾ 10 شاگردن کي ڪورونا جي تصديق بعد گرلز ڪاليج 15 ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو، حيدرآباد سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي پيرسن سميت 3 ڄڻا فوت، مٽياري ۾ ڪوورنا جا ڪيس وڌڻ بعد انتظاميا طرفان سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صوبائي وزير سعيد غني اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو، اسڪولن بابت اهم فيصلن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔