قومي اقتصادي رابطا ڪميٽي طرفان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ اهم فيصلا

اسلام آباد : قومي اقتصادي رابطا ڪميٽي طرفان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، اين سي او سي ملڪ ۾ عوامي ميڙاڪن تي پابندي هڻي ڇڏي. فيصلن موجب 300 کان وڌيڪ آئوٽ ڊوڙ ماڻهن جي جمع ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. شادي جي انڊوڙ تقريبن تي 20 نومبر کان پابندي لڳائي ويندي.تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي تجويز صوبن ڏانهن اماڻي ڇڏي. وفاقي وزير تجويز ڏني آهي ته ملڪ ۾ تعليمي ادارا 24 نومبر کان 31 جنوري تائين بند ڪيا وڃن. تجويز ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته 24 نومبر کان پرائمري اسڪول، ٻه ڊسمبر کان مڊل اسڪول ۽ 15 ڊسمبر کان هائر سيڪنڊري اسڪول بند ڪيا وڃن. وفاقي وزير صوبن ڏانهن اها به تجويز اماڻي آهي ته تعليمي سيڪشن 31 مئي تائين وڌائي ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ جا امتحان جون 2021 ۾ ورتا وڃن. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته تعليمي حوالي سان صوبن جو گڏيل اجلاس 23 نومبر تي ڪيو ويندو جنهن ۾ صوبا پنهنجي تجويز پيش ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔