حڪومت ملي ته 20 ارب ڊالر خسارو هو، دوست ملڪن ڏيوالپڻي کان بچائي ورتو: وزيراعظم

فيصل آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرنسي ڪرڻ سان مهانگائي ٿي، جنهن تي حڪومت کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو پر اڄ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.

وزيراعظم عمران خان فيصل آباد ۾ واپارين ۽ سرمائيڪارن کي خطاب ۾ چيو ته عوام کي گهر ويٺي سهولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ مقامي حڪومتن جو اهڙو نظام آڻي رهيا آهيون جنهن سان عوام خوش ٿيندو، مقامي حڪومتن جي نظام ۾ هر شهر جي ميئر جو سڌو سنئون اليڪشن ٿيندو.

هن چيو ته صوبائي ترقياتي فنڊ سان شهر ٺيڪ نٿا ٿي سگهن، لاهور تي پئسا خرچ ڪيا ته باقي شهر پوئتي رهجي ويندا.

معيشت جي حوالي سان وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان تي تاريخي قرض چڙهيل آهن، جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته 20 ارب ڊالر جو خسارو هو پر دوست ملڪن مدد ڪئي جنهن سان ڏيوالپڻي ٿيڻ کان بچي وياسين.

هن چيو ته ماضي ۾ رپئي جي قدر کي مصنوعي طور تي برقرار رکي نقصان ڪيو ويو، ڪرنسي ڪرڻ سان مهانگائي ٿي، جنهن تي حڪومت کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو پر اڄ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.

هن جو چوڻ هو ته پوري ڪوشش آهي ته پاڪستان جي درآمد وڌي، سرمائيڪارن، بزنس ڪميونٽي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي، برآمد ڪندڙن کي مراعتون ڏيڻ سان برآمد وڌڻ لڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔