رحمان ملڪ تي زيادتي جو الزام مڙهيندڙ آمريڪي عورت سنٿيا ڊي رچي کي ملڪ بدر ڪرڻ واري درخواست خارج

اسلام آباد : اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ تي زيادتي جو الزام مڙهيندڙ آمريڪي عورت سنٿيا ڊي رچي کي ملڪ بدر ڪرڻ واري درخواست خارج ڪئي وئي ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بينچ تبديل ڪرڻ بابت رحمان ملڪ جي درخواست به اڪلائي ڇڏي، سنٿيا ڊي رچي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته گهرو کاتي سنٿيا جي موبائيل فون ۽ بينڪ اڪائونٽس فريز ڪري ڇڏيا آهن، عدالت بينڪ اڪائونٽس کولڻ جو حڪم ڏئي، جسٽس عمر فاروق ريمارڪس ڏنا ته اڄ ڪوبه حڪم نه ڏيندس، ڪجهه وڪيل به ناهن آيا ۽ حڪومت طرفان به ڪير ناهي آيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔