پي آءِ اي مان 3500 ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو منصوبو تيار

ڪراچي: پي ٽي آءِ سرڪار پاران ڪروڙين نوڪيون ڏيڻ واري اعلان تي ته عمل نه ٿيو پر پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن 35 سئو ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پي آءِ اي پاران اداري کي سالياني 4 ارب 20 ڪروڙ رپين جي بچت کي نظر ۾ رکندي 35 سئو ملازمن کي نوڪري مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن ڄاڻايو آهي ته ملازمن کي رضاڪاراڻي اسڪيم تحت ملازمن کي اڍائي سالن ۾ رهتون به ادا ڪيون وينديون. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته رضاڪاراڻي اسڪيم جو منصوبو منظوري لاءِ اي سي سي ۽ وفاقي ڪابينا کي اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس 16 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي سي پي آءِ اي ملازمن جي ملازمن کي فارغ ڪرڻ واري منصوبي تي غور ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔