آصف زرداري جي وڏي نياڻي بختاور جي مڱڻي جي تاريخ طئي ڪئي وئي

ڪراچي : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو جَي مڱڻي جي تاريخ طئه ٿي وئي، 27 نومبر تي بلاول هائوس ڪراچي ۾ مڱڻي جي تقريب رٿيل، تقريب ۾ شرڪت لاءِ اُماڻيل هدايت نامي ۾ مهمانن کي ڪورونا کان بچاءُ جا اپاءَ وٺڻ جي هدايت، دعوتنامي ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته مهمان تقريب ۾ شرڪت کان اڳ اي ميل ذريعي ڪورونا رپورٽ اُماڻين، تقريب ۾ موبائيل فون ذريعي تصويرون ڪڍڻ يا وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، انتظاميا پاڻ مهمانن سان تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي.

تبصرے بند ہیں۔