ڪشمور جي اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ سندس نياڻي کي قوم سلام ڪري ٿي: شبلي فراز

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان کانپوءِ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز به ڪشمور جي اي ايس آءِ ۽ سندس نياڻي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته ڪشمور جو اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ ان جي نياڻي کي قوم سلام ڪري ٿي.هن چيو ته محمد بخش اهو فخر ڪرڻ جهڙو والد آهي، جنهن فرض جي ادائيگي ۾ ڌيءَ جي قرباني کان به پاسو نه ڪيو.وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته اي ايس آءِ سموري پوليس جي فورس جي شان آهي،پوليس عملدار جي سوچ معاشري لاءِ روشن پيغام ۽ اميد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔