سنڌ ۾ميڊيڪل ڪاليجز جي سيٽس تي پهرين صوبي جي شاگردن کي داخلا ملڻ گهرجي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ميڊيڪل ڪاليجز جي سيٽس تي پهرين صوبي جي شاگردن کي داخلا ملڻ گهرجي، اُن کانپوءِ ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏني وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ميڊيڪل ڪاليجز ۾ وفاق ۽ صوبي وچ ۾ تڪرار واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، پي ايم سي جي وڪيل چيو ته نئين قانون تحت ڊوميسائيل جي حد ختم ڪئي وئي آهي، عدالت چيو ته ڇا سنڌ ۾ پنجاب ۽ پنجاب ۾ ڪي پي جي شاگردن کي داخلا ڏيندئو؟ پوءِ لاڳاپيل صوبي جا شاگرد ڪيڏانهن ويندا؟ پهرين مقامي شاگردن کي داخلا ملڻ گهرجي، بعد ۾ ٻين صوبن جي شاگردن لاءِ گنجائش ڪڍي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔