ڪينجهر ڍنڍ تي جَي ٽيز ٺاهڻ ۽ ٻيڙين جي رجسٽريشن جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪينجهر ڍنڍ تي جَي ٽيز ٺاهڻ، ٻيڙين جي رجسٽريشن ۽ ٽاور جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران سياحت ۽ ثقافت کاتي جي ايم ڊي اعجاز شيخ طرفان عملدرآمد رپورٽ پيش، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪينجهر وٽ سي سي ٽي وي، ريسڪيو سينٽر ۽ ايمبولينس سروس سوڌو ٻيا حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن، ٻيڙين کي رڳو 2 ڪلوميٽرز تائين اندر وڃڻ جي اجازت هوندي، ايم ڊي اعجاز شيخ چيو ته ٻيڙين جي رجسٽريشن وارو ڪم ضلعي انتظاميا جو آهي، عدالت چيو ته اهو ڪم توهان پاڻ ڇو نٿا ڪريو، رپورٽ ۾ جيڪو ڪجهه لکيل آهي، اُن تي عمل به لازمي آهي، عوامي مفادن واري مامري تي جيترو جلد ڪم ٿئي ته سٺو آهي، چاهيون ٿا ته عوامي جانيون محفوظ رهن، عدالت ٻڌڻي 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔