ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيه مرزا ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي: ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ قومي ڪرڪيتر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيه مرزا ڪراچي پهچي وئي آهي. هوءِ پنهنجي مڙس شعيب ملڪ جي حوصلا افزائي لاءِ آئي آهي، سندس پٽ به آيل آهي. پي ايس ايل 5 جي پلي آف مرحلي جون ميچون ۽ فائنل 14، 15 ۽ 17 نومبر تي ٿينديون. جنهن لاءِ رانديگرن جو پهچڻ جو سلسلو جاري آهي. شعيب ملڪ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پي ايس ايل لاءِ ٻين پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. لاهور قلندر جو بين ڊنڪ به ڪالهه ڪراچي پهتو. سميت پٽيل بعد هو ٻيو ڪرڪيٽر آهي جيڪو ڪراچي پهتو آهي. جڏهن ته ڊيوڊ ويسا، ڊين ولاز ۽ تميم اقبال پڻ جلد ڪراچي ايندا. بين ڊنڪ کي 48 ڪلاڪن جي قرنطينا ۽ ڪووڊ 19 جي ٽيسٽنگ مرحلي بعد ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت جي اجازت هوندي. ٻئي طرف ملتان سلطان جي مک رانديگر محمود الله رياض کي ڪورونا ٿي پئي آهي جنهن ڪري ملتان سلطان جي ٽيم کي وڏو لوڏو رسيو آهي. هن ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته مون ٻه ٽيسٽون ڪرايون پر نتيجو اهو ئي نڪتو آهي هاڻ ته پنهنجي گهر ۾ آئسوليٽ آهيان، پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جو فڪر اٿم. پي ايس ايل جون ميچون نه کيڏڻ تي به افسوس اٿم. جڏهن ته انگلينڊ ثاقت محمود به پشاور زلمي کي جوائن ڪري ورتو آهي. هو ليام ليونگ اسٽون جي جاءِ تي آيو آهي. جڏهن ته نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پي ايس ايل ۾ شامل ٽيمن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪالهه پشاور زلمي جي ٽيم ٽريننگ ڪئي ۽ سيشن ۾ حصو ورتو. رانديگر وارم اپ ٿيا. جڏهن ته ڪراچي ڪنگز جي ڪرڪيٽر عامر يامين کي به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. هو ڪراچي آيو ته سندس ٽيسٽ رپورٽ آئي جنهن بعد کيس نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پي ايس ايل ۾ شامل ٽيمن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔