سنڌ هاءِ ڪورٽ مذهب مٽائي پرڻو ڪندڙ نينگري آرزو کي شيلٽر هوم اماڻي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، مذهب مٽائي پسند جو پرڻو ڪندڙ نينگري آرزو کي شيلٽر هوم اماڻي ڇڏيو ۽ سندس عمر جو پتو لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو به حڪم ڏنو آهي، آرزو عدالت ۾ اغوا وارو تاثر رد ڪندي محمد اظهر سان مرضي موجب شادي ڪرڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته آرزو جي صحيح ڄمار جو پتو لڳائڻ بعد باقي معاملا ڏسنداسين، رپورٽ اچڻ تائين آرز کي شيلٽر هوم ۾ رکيو وڃي، ٻڌڻي دوران مسيحي برادري عدالت ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪراچي ۾ اسلام قبول ڪري محمد اظهر نالي شهري سان پسند جو پرڻو ڪندڙ مسيحي نينگري آرزو کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت نينگري کي ٻيهر شيلٽر هوم موڪليندي سندس عمر جو تعين ڪرڻ لاءِ صحت کاتي کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي. آرزو عدالت ۾ بيان ڏنو ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو ، هن پنهنجي مرصيءَ موجب محمد اظهر سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي. آرزو عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس مڙس کان ڌار نه ڪيووڃي، سندس عمر 16 نه پر 18 سال آهي. عدالت نينگر يجي عمر جو پتو لڳائڻ سميت اڳڀرائي رپورٽ 9 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري به آرزو ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران مسيحي برادري جي ماڻهن نينگري جي والدين جي اڳواڻي ۾ عدالت ٻاهران احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔