ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جِي ٻِي لهر شروع،پابندين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جِي ٻِي لهر شروع ٿيڻ تي پابندين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. صحت بابت وزيراعظم جَي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا ڪيسز ۽ فوتگين ۾ واڌ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪورونا جِي نئين لهر شروع ٿي وئي آهي. ڊاڪٽر فيصل سلطان موجب مثبت ڪيسز جِي شرح اڍائي کان پوڻا 3 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، ڪاروباري سرگرمين ۽ تقريبن جَي وقت ۾ گهٽتائي لاءِ مشاورت جاري آهي، ڪجهه پابندين ۾ سختي ڪرڻ اڻٽر بڻجي ويو آهي، صوبن سان مشاورت کانپوءِ پابندين بابت هڪ ٻن ڏينهن ۾ واضح سفارشون سامهون اچي وينديون، ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اندر ڪورونا جا 773 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ وائرس وگهي وڌيڪ 6 مريض فوت ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔