ميڪرون جي بيان کانپوءِ اسٽار فٽبالر فرانس جي نمائندگي کان انڪار ڪري ڇڏيو

پيرس: فرانسيسي صدر پاران اسلام مخالف بيان کانپوءِ اسٽار فٽبالر پال پوگبا فرانس جي نمائندگي ڪرڻ کان انڪاري ٿي پيو.
پرڏيهي خابرو ڪيترن ئي ادارن جي رپورٽس موجب مانچسٽر يونائيٽڊ جي اسٽار فٽبالر پال پوگبا پاران انٽرنيشنل سطح تي فرانس جي نمائندگي نه ڪرڻ جو فيصلو فرانسيسي صدر ميڪرون طرفان حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ گستاخي ۽ گستاخي وارن خاڪن جي سرپرستيءَ وارن بيان کانپوءِ ڪيو.
هڪ عرب ويب سائٽ تي شايع رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پال پوگبا هي فيصلو صدر ميڪرون طرفان شاگردن کي گستاخيءَ وارا خاڪا ڏيکارڻ تي هڪ مسلمان شخص جي هٿان قتل ٿيل استاد کي فرانس جو سڀ کان وڏو اعزاز ملڻ بعد ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔