وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو .

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو .

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال جي حوالي سان جائزو ورتو ويندو .

وفاقي ڪابينا اپوزيشن جي تحريڪ ۽ حڪومت مخالف جلسن جو به جائزو وٺندي.

ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي امپورٽ جي حوالي سان تازه تزين صورتحال کان به آگاهه ڪيو ويندو جڏهن ته مهانگائي جي خاتمي جي حوالي سان به حڪومتي اپائن ۽ ان جي نتيجن جو جائزو ورتو ويندو.

وزيراعظم عمران خان ڪابينا کي ٽائيگر فورس جي ذميوارين تي به اعتماد ۾ وٺندو ۽ ڪابينا کي ملڪ ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي صورتحال ۽ ان بابت کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني ويندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔