پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي، آصف علي زرداري طرفان حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل

اسلام آباد : اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پارڪ لين ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طرفان حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي وئي، معاون وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فاروق ايڇ نائيڪ جي چيلهه ۾ تڪليف آهي، ان ڪري هو پيش نه ٿي سگهيو، عدالت چيو ته شاهدن کي ڪراچي کان گهرايو آهي، وڪيل کي اچڻ گهرجي ها، عدالت چيو ته جيڪڏهن ائين ٿيندو ته شاهدن ايترو خرچ ڪيئن برداشت ڪري سگهندا، ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب چيو ته ٽرائل جي عمل کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔