نواز شريف جي ايچ ڪيو مان هڪ برگيڊيئر جو فون اچڻ بعد پي ڊي ايم جي جلسي ۾ خطاب کان انڪار ڪيو: اعتزاز احسن

لاهور: ناليواري وڪيل اڳواڻ ۽ پ پ جي اڳوڻي سينيٽر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف جي ايچ ڪيو مان هڪ برگيڊيئر جو فون اچڻ بعد پي ڊي ايم جي ڪراچي واري جلسي ۾ خطاب کان انڪار ڪيو ۽ ونهنجو نالو واپس ورتو. هن هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف رضاڪاراڻي نموني پنهنجي مرضي سان جلسي کي خطاب ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته کيس جي ايچ ڪيو راولپنڊي مان فون ويو ته آهي ته توهان کي خطاب ناهي ڪرڻو ان ڪري هن خطاب نه ڪيو نه ته جيڪڏهن هو خطاب ڪرڻ چاهي ته کيس ڇا مولانا فضل الرحمان روڪيندو يا وري بلاول ڀٽو زرداري روڪيندو؟ يا کيس سندس ڌيءُ روڪيندي؟ هن پنهنجي اصليت سڀني کي ڏيکاري آهي ته هو اين آر او ڪري سعودي عرب ڀڄي ويو هو. هن چيو ته شهباز شريف به پنهنجي مرضي سان جيل ۾ ويٺو آهي، هن پنهنجي ضمانت جي درخواست واپس ورتي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔