گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستان جي چونڊ اهم سفارتي ڪاميابي آهي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ٻيهر چونڊ کي هڪ اهم سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي .

شاهه محمود قرييشي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي چونڊن ۾ هر ريجن مان پاڪستان کي حمايت ملي آهي، بااثر ۽ وڏي ملڪن به پاڪستان جو ساٿ ڏنو .

سندس چوڻ هو ته اهو ووٽ انساني حقن جي واري ڪائونسل ۾ اسان جي 3 سالن جي ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري ٿو ، هن چيو ته پاڪستان جي ڪردار کي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون وڌي رهيون آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جو ان اداري جو حصو ٿيڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔