سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ وڻن جي واڍي تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد : سنڌو درياهه جي آسپاس ڪو به وڻ نظر نه ٿو اچي، سنڌ سرڪار ڪچي جو سڄو علائقو پوکِيءَ لاءِ نجي ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو، ڪچي جي سموري زمين تي ته گهاٽا ٻيلا هئڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ وڻن جي واڍي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، درياهن ۽ ڍنڍن جي ڀرپاسي وڻڪاري بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن پڇيو ته سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو هو ته ٻيلن جي زمين جي الاٽمينٽ رد ڪري، سنڌ سرڪار وري قانون ٺاهيو ته جيڪا الاٽمينٽ ٿي چڪي آهي، اُها برقرار رهندي، ٻين لفظن ۾ سنڌ حڪومت غيرقانوني طور الاٽمينٽ جو تحفظ ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته بلين ٽري سونامي منصوبي جو ڇا ٿيو؟ عدالت چئني صوبن جي آبپاشي ۽ ٻيلي کاتي جي صوبائي سيڪريٽريز کي طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔