ٽي ٽين ڪرڪيٽ ليگ ايندڙ سال ابوظهبي ۾ ٿيندي

ابوظهبي: آءِ پي ايل سبب ابوظهبي ٽي 10 ليگ کي ري شيڊيول ڪيو ويو جنهن جي شروعات نومبر بجاءِ ايندڙ سال جنوري ۾ ٿيندي.
انڊين ليگ جي يو اي اي منتقلي کان اڳ ئي 10 ايونٽ جي انتظام ڪارن طرفان جاري شيڊيول موجب ٽورنامينٽ 19 سيپٽمبر کان شروع ٿيڻو هو، آءِ پي ايل 10 نومبر تي ختم ٿيندو البت هن وقت يو اي اي ڪرڪيٽ جو پورو ڌيان ڀارتي ايونٽ تي آهي ان ڪري ٽي 10 ليگ جي تياري نه ٿي سگهي، هي هاڻ 28 جنوري کان 06 فيبروري تائين زيد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، پاڪستان مان هڪ ٽيم قلندرز جي نالي سان حصو وٺندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔