توشه خانه ريفرنس: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري

اسلام آباد: احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

احتساب عدالت نوازشريف جا اثاثا ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ جي لاءِ نيب کان رڪارڊ طلب ڪيو هو جيڪو هاڻ نيب طرفان پيش ڪيو ويو آهي. نيب طرفان احتساب عدالت ۾ جمع ڪرايل تفصيلن موجب اڳوڻي وزيراعظم جي نالي تي لاهور ۾ 1650 ڪئنال کان وڌيڪ زرعي زمين شامل آهي پراپرٽيز، گاڏيون ۽ بينڪ اڪائونٽ به شامل آهن.

نيب طرفان لاهور جي خانگي بينڪ ۾ نوازشريف جي نالي تي ملڪي  پرڏيهي فورم جا تفصيل به عدالت ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه نيب رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته مري ۾ به نوازشريف جي نالي تي جڳهه آهي جڏهن ته شيخوپوره ۾ به 120 ڪئنال زرعي زمين به اڳوڻي وزيراعظم جي نالي تي آهي.

احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي نوازشريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪري ڇڏيا. عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ نوازشريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔