مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو ته ان جو جواب پاڪستاني عوام ڏيندي: مريم اورنگزيب

لاهور: مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو جواب پاڪستاني عوام ڏيندي هاڻ هي جدوجهد نه رهندي.

(ن) ۽ (ش) ڌار نٿي ٿي سگهي هي ٻئي ملڪ جي طاقت آهن. مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته شبلي فراز 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم جي خلاف بيان ڏنو. شبلي فراز ۽ احمد فراز جي شخصيت ۾ تمام گهڻو فرق آهي.

شبلي فراز ۽ سي سي پي او لاهور جي بيان ۾ ڪوبه فرق ناهي. ڪرائي جا ترجمان بوکلاهٽ جو شڪار آهن. وزيرن جي زبان مان نڪتل لفظ به سندن ساٿ ناهن ڏئي رهيا اڄ حال اهو آهي جو اوهان آفيسن ۾ ويهي وڊيو پيغام ڏئي رهيا آهيون.

مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف جي صحت جو ذميوار عمران خان آهي، اڳوڻي وزيراعظم جون سموريون ميڊيڪل  رپورٽون پنجاب حڪومت وٽ  آهن. نيب وٽ گرفتار نوازشريف جي صحت خراب ٿي، نوازشريف جي صحت تي سياست ڪئي پئي وڃي. 

علاج کان سواءِ نواز واپس نه ايندو. اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو ڪري وٺو. حڪومت مٿان شهباز شريف ۽ (ن) ليگ جو ڊپ حاوي ٿي چڪو آهي. عوام کي 2 سالن کان جاري اذيت مان ڪڍڻ نوازشريف جو مقصد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔