آمدني کان وڌيڪ اثاثا: نيب ڪيپٽن(ر) صفدر کي به طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) ڪيپٽن(ر) صفدر کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ 8 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

نيب ذريعن موجب احتساب بيورو مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ ڪري رهيو آهي.

مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي مڙس محمد صفدر جي خلاف حلقي جي ترقياتي فنڊن ۾ڪرپشن جو الزام آهي.

ٻئي طرف اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ شاهد خاقان عباسي قومي احتساب بيورو جي آفيس پهچي ويو آهي.

نيب کيس ايم ڊي منرل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي مقرري بابت ڪيس ۾ طلب ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔