ٻٽي شهريت رکندڙ سياستدانن کي سينيٽ چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف درخواست رد

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ، ٻٽي شهريت رکندڙ سياستدانن کي سينيٽ چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪا شيءِ قانون اندر موجود ئي ناهي ته عدالت ڪيئن روڪي سگهي ٿي؟ قانون بڻجي وڃي ته پوءِ ان خلاف عدالت سان رابطو ڪري سگهو ٿا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ٻٽِي شهريت رکندڙ سياستدانن کي سينيٽ چونڊون وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار محمود اختر نقوي موقف اختيار ڪيو ته آئين ٻٽي شهريت رکندڙن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت نٿو ڏئي پر ڪابينا اجازت ڏئي ڇڏي آهي. درخواستگذار استدعا ڪندي چيو ته ڪابينا آئين سان کيڏي رهي آهي، ان جي فيصلي کي عدالت ۾ ڪيئن چئلينج ڪري سگهجي ٿو. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت تي ايترو بار نه وجهو، ڪا شيءِ قانون اندر موجود ئي ناهي ته عدالت ڪيئن روڪي سگهي ٿي؟ قانون بڻجي وڃي ته پوءِ ان خلاف عدالت سان رابطو ڪري سگهو ٿا. عدالت درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔