ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 8 حياتيون ضايع

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول نه ٿيو، 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وگهي وڌيڪ 8 مريض جان جي بازي هارائي ويا، جنهن بعد سموري ملڪ ۾ فوتين جو انگ 6 هزار 474 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا جا وڌيڪ 672 ڪيس سامهون اچي ويا. ملڪ ۾  32 هزار 665 نيون ٽيسٽون ڪيون ويون،ملڪ ۾ ڪرونا  وائرس ۾ ورتل  2 لک 96 هزار 340 مريض صحتياب ٿي ويا. سنڌ ۾ مريضن جو تعداد  هڪ 36 هزار 395، پنجاب ۾ 99 هزار 292،ڪي پي ۾ 37 هزار  727، اسلام آباد ۾ 16 هزار 532، بلوچستان ۾ 15 هزار 177، آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 663 7 گلگت ۾ 3 هزار 730 ٿي  ويو. سنڌ ۾ فوتين جو تعداد 2 هزار 495، پنجاب ۾ 2 هزار 234، ڪي پي ۾ هڪ هزار 259، اسلام آباد ۾ 181،بلوچستان ۾ 145، گلگت ۾ 88 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 72 ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔