ننڊ پوري نه ٿيڻ سبب خوشي جو احساس به گهٽ ٿي ويندو آهي: تحقيق

لنڊن: جيڪڏهن انسان جي ننڊ پوري نه ٿئي ته هو ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو پر ڪينيڊا ۾ ڪيل هڪ تازي ريسرچ مان وڌيڪ اها به خبر پئي آهي ته جيڪڏهن ننڊ پوري نه ٿئي ته انسان ۾ خوشي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت به گهٽ ٿي ويندي آهي جنهن سبب هو تمام گهڻو دٻاءُ جو شڪار ٿي سگهي ٿو.اها تحقيق يونيورسٽي آف برٽش ڪولمبيا، وينگوور جي نينسي سن جي نگراني ۾ ڪئي وئي ۽ ان ۾ 33 کان 48 سالن جي 2000 ماڻهن جو مطالعو ڪيو ويو. اٺ ڏينهن تائين جاري رهندڙ مطالعي ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن ماڻهن کان روزاني هڪ سوالنامو ڀرايو ويو جنهن ۾ ان کان گذريل رات ننڊ جي دورانيي، ڪيفيت ۽ ان کان پوءِ ڏينهن ۾ مختلف جذبن، احساسن ۽ اعصابي ڇڪ جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي وئي.مطالعي کان پوءِ شرڪت ڪندڙن جي فراهم ڪيل سموري ڄاڻ جو تجزيو ڪرڻ تي خبر پئي ته اهي سمورا رضاڪار جنهن پوري ننڊ نه ڪئي هئي ان ۾ ٻئي ڏينهن نه صرف وڌيڪ اعصابي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت موجود هئي پر هو بهتر انداز ۾ خوشي محسوس ڪرڻ جي قابل به هئا.ان جي ابتڙ اهي ماڻهو جنهن صحتمند معمول کان گهٽ ننڊ ملي يا جنهن سڪون جي ننڊ نه ڪري سگهيا انهن ٻئي ڏينهن وڌيڪ اعصابي دٻاءُ محسوس ڪيو جڏهن ته خوشي جو سبب بنجندڙ واقعن تي به انهن کي گهٽ خوشي محسوس ٿي يا پوءِ هنن کي بالڪل به خوشي محسوس نه ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔