سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سمورن کنڀي گم ڪيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ مسلم ۽ سمير قادري سميت سمورن گم ٿيل / کنڀيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه جسٽس نظر اڪبر جي سربراهي ۾2 رڪني بينچ گم ٿيل شهرين بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران گم ڄاڻايل 2 شهري محمد سليم ۽ اعجاز بازياب ٿي عدالت ۾ پيش ٿيا، جنهن تي جسٽس مبين لاکو کانئن پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان ڪيترو عرصو لاپتا رهيا ۽ ڪٿي هئا؟ جنهن تي بازياب ٿيل شهري عدالت کي ٻڌايو ته 13 مهينا گم رهيس، خبر ناهي ڪٿي رکيو ويو هو ، سمورو عرصو اکين تي به پٽي ٻڌي رکيو ويو هو عدالت گم ٿيل ٻين شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اوهان ڪجهه به ڪريو، گم ٿيل هر شهري کي واپس آڻيو، اسان کي ٻيو ڪجهه به ناهي ٻڌڻو، گم ٿيلن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪريو، اسان هڪ مهيني جو وقت ڏئي رهيا آهيون،گم ٿيل شهري واپس نه آيا ته ڪارروائي ڪئي ويندي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي، جي آءِ ٽي به ٺاهي آهي، جنهن تي جسٽس نظر اڪبر ريمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو ڪهڙو جواز ٿو ٺهي؟ جي آءِ ٽي ته جوابدارن جي جاچ لاءِ ٺاهي ويندي آهي،عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي گهرڀاتين کي توهان 2،2 ڪلاڪ ويهاري ساڳيا ئي بيان وٺندا آهيو، جيڪي اهي پهريان ئي پوليس کي ريڪارڊ ڪرائي چڪا هوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔