ايل او سي تي ڀارتي فوج جي هڪ ڀيرو ٻيهر فائرنگ، گولا باري،ٻارڙي فوت،4 ڄڻا زخمي

مظفرآباد: آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ( اي جي ڪي ) ۾ لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۽ گولا باري سان هڪ ننڍڙي ٻارڙِي فوت ، سندس وڏي ڀيڻ، ڀاءُ ، نانو ۽ هڪ شهري زخمي ٿي پيا.

پونڇ ڊويزن ۾ پوليس جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل ( ڊي آءِ جي ) راشد نعيم خان جو چوڻ هو ته تعلقي هجيره ۾ بٽال سيڪٽر ۾ ڀارتي فورسز لڳاتار ٻئي ڏينهن به سخت گولي باري ڪئي جنهن سان نه رڳو جاني پر ملڪيتن کي به نقصان رسيو آهي.

هن ٻڌايو ته ڀارتي فورسز جي گولا باري سبب ڳوٺ دره شيرخان جي هڪ رهواسي اسي ورهين جي موتيان بي بي ۽ ان جو پوٽو 17 ورهين جو اقرارالحق ۽ 11 ورهين  جي اقرا زخمي ٿي پيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔