دفاع واري ڏهاڙي تي گلوڪاره سائره پيٽر رنگ ڄمائي ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان وانگرسڄي دنيا ۾ دفاع وارو ڏهاڙو ملهايو ويو ،پاڪستان جي دفاع۾ ڪرسچن برادري جون وسارڻ نه جوڳين خدمتن جي حوالي سان نيو ڪاسل ڪرسچن نيٽ ورڪ تحت دفاع واري ڏهاڙي جي موقعي تي زوم  تي آن لائن تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ اڳوڻي فوجي آفيسرن پاڪستان جي دفاع جون يادون تازيون ڪيون گلوڪارن ملي ۽ قومي نغما پيش ڪيا

ناليواري گلوڪاره ساغرگل ، سميرا جاويد ۽عالمي شهرت رکندر اوپيرا سنگر سائره پيٽر آواز جو جادو جاڳايو . گلوڪاره سائره پيٽر جڏهن ناليواري شاعر ڊاڪٽر جميل الدين عاليم جو لکيل سپرهٽ قومي نغمو، اي وطن ڪي سجيلي جوانو ..ميري نغمي تمهاري لئي هين …پنهنجي مڌر آواز ۾ پيش ڪيو ته  پاڪستان زنده باد پاڪستان پائينده باد جا نعرا فضا ۾ گونجي پيا ، انکانپوءِ هن ناليواري شاعر صوفي غلام مصطفيٰ تبسم جو مشهور ترين ملي گيت …اي پتر هٽان تي نئين وڪدي ..ڳايو ته محفل ۾ رنگ ڄمي ويو ،دفاع واري ڏهاڙي جي ان يادگار محفل کي آمريڪا ، برطانيا، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ زوم وسيلي هڪ ئي وقت ڏٺو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔