بحريا ٽائون جي 62 ارب رپين تي سنڌ حڪومت جو حق آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب رُپين جي پلان ۾ وفاق 62 سيڪڙو سيڙپڪاري جي دعويٰ ڪئي آهي، اهو نه ٻڌايو ته اُهي فنڊز ڪيئن ۽ ڪٿان آندا ويندا؟ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته 11 ارب رُپين جي پلان ۾ 802 ارب رُپيا سنڌ حڪومت جا آهن، وفاق رڳو 362 ارب رُپيا ڏيندو ۽ ساليانو 3 ارب رُپين جي سيڙپڪاري ڪندو، رهيل رقم پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڏني ويندي، سنڌ حڪومت سياست کي پاسيرو ڪري مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وفاق سان گڏ ويٺي، ڪراچي ۾ مقامي، صوبائي ۽ وفاق جو اسٽيڪ آهي، تڏهن به سمورين شين جو ملبو صوبائي حڪومت مٿان رکيو وڃي ٿو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته بحريه ٽائون جي 62 ارب رُپين تي سنڌ جو حق آهي، سُپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ٻن سالن کان اُن ڪري التوا جو شڪار آهي جو سنڌ حڪومت جي درخواست جي وفاق مخالفت ڪئي آهي، پئسا سنڌ سرڪار کي ملندي ته رولڙي جو شڪار منصوبن ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي خرچ ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔