امن معاهدي بعد تل ابيب مان پهرين اسرائيلي اڏام اڄ ابوظهبي پهچندي

ابوظهبي: گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل ۾ امن معاهدي تحت تلابيب مان اسرائيل جي پهرين ڪمرشل اڏام سڀاڻي ابوظهبي لاء رواني ٿيندي جنهن ۾ اسرائيلي ۽ آمريڪي اختياريون شامل هونديون.ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ جي صلاحڪار ۽ ناٺي جيرڊ ڪشنر آمريڪي اختيارين سان گڏ يو اي اي ويندو. واضح رهي ته اسرائيل ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ ڪوبه هوائي رابطو نه آهي. ان ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي کان پوءِ هي پهرين اڏام هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔