افغان ڌڙن ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي دوحا ۾ ٿينديون

ڪابل؛ افغان ڌڙن ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ ٿينديون.
اها ڳالهه افغانستان جي اعليٰ مصالحتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله طرفان ڪابل ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
هن چيو آهي ته افغان سرڪار جي ڳالهين واري ٽيم امڪاني ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار هئي.
ان دوران ، افغانستان جي لاءِ نيٽو جي اعليٰ نمائندي اسٽيفانو پونٽيڪوورو دوحا ۾ طالبان جي نمائندي سان ملاقات ڪئي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ نيٽو جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ افغان عوام کي نيڪ خواهشن سان نوازيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔