پي سي بي سڀني ڪوچن کي يوٽيوب چئنل هلائڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪانٽريڪٽ ۾ شامل سڀني ڪوچن کي يوٽيوب چئنل هلائڻ کان روڪي ڇڏيو.
ذريعن موجب پي سي بي هاءِ پرفارمنس سينٽر ۽ ريجنل ٽيمن جي سڀني نون مقرر ڪيل ڪوچن کي پاليسي بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.
بورڊ جو چوڻ آهي ته ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪوچ يوٽيوب چئنل نه هلائي سگهندا ۽ ڪنهن کي به انٽرويو ڏيڻ لاءِ اجازت وٺڻي پوندي.
پي سي بي واضح ڪيو آهي ته پاليسي خلاف ڪم ڪندڙ ڪارروائي کي منهن ڏيندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ اهو فيصلو هيڊ آف انٽرنيشنل پليئرز ڊولپمينٽ ثقلين مشتاق جو يوٽيوب تي بيان سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔